21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |مانجهند: ڳوٺ راڄڙي ۾ ڄامشورو اتحاد جو مقامي اڳواڻ مائٽ سميت کنڀجي ويو ، احتجاج

مانجهند ويجهو ڳوٺ راڄڙي ۾ ڄامشورو اتحاد جو مقامي اڳواڻ مائٽ سميت کنڀجي ويو ،ڳوٺاڻن جو سخت احتجاج ووٽ نه ڏيڻ تي انتقامي ڪاروائي  جو نشانو بڻايو پيو وڃي .

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سادا ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪارن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻ بابر عرف بريڙ کوسو  ڏنو کوسو کي کنڀي اڻڄاتل هنڌ  منتقل ڪري ڇڏيو .

اهڙي عمل خلاف سوين ڳوٺاڻن  الھدين کوسو ،لونگ کوسو ،حاڪم کوسو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻُو هنيو ويو .

ڳوٺاڻن الزام هنيو ته بااثر کي ووٽ نه ڏيڻ تي کين هيسائڻ لاءِ ڪاروائي ڪئي وئي  جڏهن ته ڳوٺاڻن تي تشدد پڻ ڪيو ويو

هنن چيو ته پوليس گهر ۾ رکيل 2 لک کان وڌيڪ رقم، سونا زيور پڻ  پوليس کڻي وئي آهي

هنن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به  ٿاڻن تي  گرفتار ڪيل نوجوانن خلاف ڪيس داخل ناهي جڏهن ته کين اڻڄاتل هنڌ  رکي مٿن  تشدد ڪيو پيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته کين اڻڄاتل نمبرن تان فونون اچن پيون ته وفاداري تبديل ڪري ڳوٺاڻڻ کي آزاد ڪرايو .

ڳوٺاڻن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:خانپور مهر: اسڪول پاڙي جي رهواسي نينگرجو لاش هٿ

خانپور مهر ۾ اسڪول پاڙي جي رهواسي نينگرجو لاش هٿ آيو آهي 8ورهين جي نينگر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے