22 جمعرات , نومبر 2018

ٻوٽن کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارو سورج مکي روبوٽ

Planting water providers is a robot robotواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اهڙو سورج مکي روبوٽ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جيڪو سج جي حرڪت تي نظر کندي ٻوٽن کي روشني واري پاسي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان سان گڏ ئي انهن کي پاڻي توڙي هوا جي فراهمي پڻ يقيني بڻائيندو آهي. جيڪڏهن توهان ڪنهن به مصروفيت سبب گهر جي لان ۾ لڳل ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ ويساري ويٺا ته پريشاني جا ڪا ڳالهه ناهي ڇو ته هاڻ هڪ روبوٽ ان جي ذميداري کي بهترين طريقي سان ادا ڪندو. اهو روبوٽ ٻوٽن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي پاڻي فراهم ڪندو، جڏهن  سج جي روشني  ۽ هوا جي کوٽ جي صورت ۾ ٻوٽن کي درست جاءِ  تي پڻ منتقل ڪري سگهندو. روبوٽ ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني وان ڪراسن (Vinsrossn)گهرن جي ٻوٽن جي سارسنڀال ۽ انهن کي وقت سر پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪيڪڙي جي شڪل جهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي، ڇهن ٽنگن واري هن روبوٽ تي سورج مکي وانگر گل ٺهيل آهي جڏهن ته اندرين حصي ۾ پاڻي رکڻ جي گنجائش پڻ آهي. هي ٻوٽن کي هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي پڻ منتقل ڪري سگهندو آهي.  هن روبوٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هو گهر ۾ موجود ٻوٽن جي ضرورتن جهڙوڪ پاڻي، سج جي روشني ۽ هوا جو مڪمل خيال رکندو آهي. ان روبوٽ کي  سورج مکي کان متاثر ٿي ڪري تخليق ڪيو ويو آهي.

Via Gfycat

پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ بعد اهو ربورٽ خوشي رقص پڻ ڪندو آهي. آمريڪا ۾ ان جي قيمت 949 ڊالر آهي ۽ ان کي پهريون ڀيرو هڪ سال اڳ آزمائشي طور متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻ ان ۾ ترميم ۽ تبديلي  بعد جديد خاصيتن کان ليس ڪري لانچ ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هلندڙ  ٽرڪ جي ٽائر کي واشنگ مشين ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو

دبئي(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ ٻن شاگردن هڪ دلچسپ تجربو ڪيو آهي ڪيو جنهن جي تحت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے