20 منگل , نومبر 2018

نيوز |وارھ: جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي پاڻي جي کوٽ خلاف شٽربند هڙتال

وارھ ۾  جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي  پاڻي جي کوٽ خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو .

جسم جي ڪارڪنن مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو ، رياض الدن ابڙو ، پنهل عباسي ، بشير چولياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطابن ڪندي اڳواڻن چيو ته پنا شاخ،  ڪالري شاخ، پنهوارو شاخ،  نصير شاخ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آھي شاخن مان پاڻي بجاءِ واري اڏامي رهي آھي .

هنن چيو ته سارين جي فصل جي پوکائي ٿي رهي آھي پر وارهه ۾ اڃا تائين ٻيجارو به پوکجي نه سگهيو آهي .

هنن چيو ته  جيڪڏهن سندن  علائقي ۾ فصل نه ٿيو ته ڏڪر واري صورتحال پيدا ٿي ويندي ۽ بدامني جو جن بوتل کان ٻاهر نڪري ايندو .

هنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته وارھ تعلقي ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي ۽  سندن زمينون بنجر بڻجن کان بچايون وڃن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے