16 جمعہ , نومبر 2018

فلم فني خان جو نئون گيت” هلڪا هلڪا سرور“  ڇائنجي ويو، مداحن طرفان ڀرپور موٽ

The new song from the movie "halka halka suroor" was flagged, full of fans by fansممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن جي نئي فلم”فني خان“ جو گيت ”هلڪا هلڪا سرور“ ريليز ٿيندي ئي يوٽيوب ڇائنجي ويو، گيت کي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا. اداڪارا ايشوريا راءِ بچن ۽ انيل ڪپور 17 ورهين بعد گڏ فلم” فني خان“ ۾ نظر ايندا فلم ۾ ايشوريا راءِ  هڪ راڪ اسٽار جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان ڪردار کي نڀائڻ لاءِ ايشوريا ماضي جي ڪردارن جي ڀيٽ ۾ بلڪل منفرد انداز ۾ نظر ايندي. اهو ئي سبب آهي مداح ان فلم جي بي چيني سان انتظار ڪري رهيا آهن. فلم جو ٽريلر ته اڳ کي مداحن ۾ مشهوري ماڻي چڪو آهي، گذريل ڏينهن فلم جو گيت” هلڪا هلڪا سرور“ ريليز ڪيو ويو آهي جنهن کي يو ٽيوب تي 24 ڪلاڪن دوران لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.  دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هي گيت پاڪستاني ليجنڊ راڳي نصرت فتح علي خان جي جڳ مشهور قوالي” هلڪا هلڪا سرور“ جو نئون وزن آهي جنهن کي ايشوريا راءِ تي فلمايو ويو آهي. ايشوريا راءِ فلم ۾ ان گيت کي پاپ انداز ۾ ڳائيندي نظر ايندي.  ”هلڪا هلڪا سرور“ کي باليووڊ جي ناليواري پي بيڪ سنگر سنيدي چوهاڻ ڳايو آهي جڏهن ان جا ٻول ارشاد ڪامل لکيا آهن ۽ ان کي اميد تريويدي ڪمپوز ڪيو آهي.  ياد رهي ته نصرت فتح علي خان جي ان قوالي کي پاڪستان جو مشهور راڳي فرحان سعيد پڻ ڳايو آهي جنهن کي ماڻهن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. فلم ”فني خان“ ۾ انيل ڪپور، ايشوريا راءِ ۽ اداڪار راج ڪمار رائو اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهيا آهن، فلم ايندڙ مهيني 3 آگسٽ تي نمائش لاءِ پيش  ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شبانا اعظمي ۽ جاويد اختر فيض امن ميلي ۾ شرڪت لاءِ لاهور پهچي ويا

لاهور (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي فلم اسٽار شبانا اعظمي ۽ سندس مڙس جاويد اختر فيض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے