15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |اسلام ڪوٽ: بااثرن جو  پورهيت جي گهر تي حملو، عورتن تي وحشياڻو تشدد، احتجاج

Islamkot,  Attack on Bihar's working houseاسلام ڪوٽ ويجهو بااثرن ميگهواڙ برادري جي گهر  تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن تي وحشياڻو تشدد ڪيو، واقعي خلاف متاثر ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو.

ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ بااثرن پاران آڌي رات جو غريب مسڪين ميگهواڙ برادري جي گهر تي حملو ڪري گهر اندر داخل ٿي عورتن کي مارڪٽ ڪرڻ سان گڏ تذليل ڪري لڏي وڃڻ جو ڌمڪيون ڏنيون.

متاثر ڌر جي عورتن مردن ۽ ٻارڙن ظلم خلاف اسلام ڪوٽ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

متاثرن ڌر  جي ماڻهن لڇمڻ ميگهواڙ، سوائي، تارو، ڪيول، موهني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن الزام مڙهيندي چيو تھ  يونس درس، غلام درس، عارب درس، مقبول درس ۽ ٻين سندن گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو .

هنن چيو ته بااثر کين ڳوٺ خالي ڪري لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

هنن چيو ته هو ڌرتي ڌڻي آهن هزارين ورهين کان سنڌ ڌرتي تي آباد آهن هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا اباڻا اجها خالي نه ڪندا.

هنن  چيف جسٽس ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ڌرين کي اپيل ڪئي ته ساڻن ٿيل  ظلم خلاف آواز اٿاريو وڃي …..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے