14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ڊگهڙي: وائس فارمسنگ پرسن جي سڏ تي کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج

ڊگهڙي ۾  وائس فارمسنگ پرسن آف سنڌ جي سڏ تي سوشل ويلفيئر سوسائٽي ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن طرفان  پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو..

سياسي سماجي ڌرين ۽ قوپرست پارٽين پاران  حڪيم جروار ،سرور جروار ،سجاد جروار، نوجوان شاعر محمد علي جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ  مان سياسي ڪارڪنن کي بنا ڪنهن سبب جي  گم ڪيو ويو آهي

هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو ڪيس داخل آهي يا گهربل آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪري وارثن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے