15 جمعرات , نومبر 2018

فيسبڪ انتظاميا الله اڪبر تحريڪ سان لاڳاپيل ڪيترائي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا

Facebook has disabled many accounts associated with the administration of Allah Akbarڪراچي(ويب ڊيسڪ) فيسبڪ غيررجسٽرڊ پارٽي ملي مسلم ليگ(ايم ايم ايل) ۽ سندس حمايت ڪندڙ رجسٽرڊ جماعت الله اڪبر تحريڪ سان لاڳاپيل ڪيترائي اڪائونٽ غير فعال ڪري ڇڏيا آهن. نجي ٽي وي چينل جي رپورٽن موجب فيسبڪ طرفان پاڪستان ۾ عام چونڊن ۾ مثبت رحجان برقرار رکڻ لاءِ ملي مسلم ليگ جي ڪيترن ئي  فيسبڪ اڪائونٽن کي غيرفعال ڪيو ويو آهي. ملي مسلم ليگ جي سوشل ميڊيا انجارچ طحه منيب ٻڌايو آهي ته ايم ايم ايل، الله اڪبر تحريڪ جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهندڙ 260 اميدوارن جي حمايت ڪري رهي آهي ۽ اسان هڪ هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن سوشل ميڊيا تي چونڊ مهم هلائڻ ۾ مصروف هئاسين پر 4 کان 5 ڏينهن ۾ فيسبڪ بنا ڪنهن سبب اسان جي اميدوارن، حمايت ڪندڙ ماڻهن،  ڪارڪنن جا اڪائونٽ بند ۽ غيرفعال ڪري ڇڏيا آهن. ايم ايم ايل جي سوشل ميڊيا انچارج وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ڪارڪنن طرفان ڪيترائي ڀيرا اڪائونٽ ٻيهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن کي فيسبڪ طرفان غير فعال ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته هنن  فيسبڪ جي اي مارڪيٽنگ جي ذريعي هزارين رپيا چونڊ مهم ۾ خرچ ڪيا پر بنا ڪنهن اطلاع جي اسان جا اڪائونٽ بند ڪيا ويا. هن ان خدشي جو اظهار پڻ ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته اهي اڪائونٽ ڀارت جي چوڻ تي بند ۽ غيرفعال ڪيا ويا هجن ڇو ته فيسبڪ تي ڀارت جو اثر آهي. واضح رهي ته گهرو وزارت جي تجويز تي اليڪشن ڪميشن ملي مسلم ليگ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ رجسٽرد نه ڪيو هو، رجسٽريشن نه ٿيڻ سبب ملي مسلم ليگ چونڊن ۾ حصو نه وٺي رهي هئي، جنهن سبب ايم ايم ايل جي حمايت يافته اميدوار الله اڪبر تحريڪ جي پليٽ فارم تان عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب، 11نقطائي ايجنڊا تيار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے