16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ٿرڙي محبت: شاعر  ناظم منگي جي 20 هين ورسي، ڀيٽا پيش

Thar'ri muhobat: The poet's 20th anniversary of Martyr Mangi*ٿرڙي محبت ۾ نامياري شاعر  ناظم منگي جي 20 هين ورسي ملهائي وئي، اديبن  شاعرن ۽ سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته  ناظم منگي جي شاعري ستل قوم کي جاڳائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙي محبت طرفان ملهايل  ورسي تقريب جي صدارت ساس ضلعي دادو جي رابطه سيڪريٽري گهايل لغاري ڪئي.

تقريب ۾ مقالا پڙهندڙن  ڊاڪٽر آزاد منگي، گلاب ڳن، صدر جانوري، عبدالفتاح وينس، شبير منگي ۽ مولائي منظور کوسي چيو ته ناظم منگي فقيري طبيعت جو مالڪ هو جنهن علم عروض کي هڪ درسگاهه جيان ڦهلايو.

هنن چيو ته اڄ سندس سوين شاگرد نئين ٽهيءَ جي ادب جي آبياري ڪري رهيا آهن، جڏهن ته  ناظم اڄ سندن وٽ  موجود  ناهي پر ان جي شاعري اتساهه ۽ آجپي جو رستو ڏيکاري ٿي.

هنن چيو ته ناظم منگي جا قومي گيت ڌرتيءَ جي بقا واري جنگ وڙهڻ جو جذبو جاڳائين ٿا.

تقريب ۾ مشاعرو پڻ ٿيو جنهن ۾ نوجوان ۽ سينئر شاعرن بشير ڀنڊ، حافظ عبد چنا، اسد بروهي، نماڻي صديق مهيسر ۽ ٻين صابر سيدپوري پنهنجي شاعري پڙهي داد وصول ڪيو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے