16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ڀٽ شاھ : ڄڃ جي گاڏي سان  المناڪ حادثو،   17 انسان فوت ،  13 زخمي

Bhit Shah: Road accident with the people attending wedding, 17 people died, 13 injured*ڀٽ شاھ  ويجهو ڄڃ جي گاڏي سان  المناڪ حادثي  جي نتيجي ۾   17 انسان فوت ٿي ويا جڏهن ته 13 کان وڌيڪ ڄاڃي زخمي ٿي پيا.

ڳو ٺ محمد ھاشم زنئورجا ڳوٺاڻا قاضي احمد ويجهو ڳوٺ پنهوخان زنئور  مان شادي ڪري پنهنجي ماڳ ڏانهن وري رهيا هئا ته رستي ۾ سندن گاڏي جو ٽائر پنچر ٿي پيو

بگو شير بس اسٽا پ وٽ گاڏي جو ٽائر تبديل ڪيو پئي ويو ته پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرالر بيٺل ڄاڃين جي بس کي زوردار ٽڪر هنيو .

بيٺل بس کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن معصو ۾ ٻان ۽ چئن عورتن سميت 17 ماڻهون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا.

ڊپٽي ڪمشنر ۽  ايس ايس پي مٽياري موٽروي پوليس ۽  ڳوٺاڻن  ترت ئي فوتين جا مڙهه ۽  زخمين کي هالا ، ڀٽ شاهه ۽ مٽياري ۽ حيدرباد جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو

حادثي جي فوتين ۾ 12 ماڻهن جو تعلق هڪ ئي ڪٽنب سان آهي .فوتين ۾ شهميرا ، شهنيلا‘، شاهد ، محمد سليم، امتياز ، ايوب ، امين ۽ ٻيا شامل آهن  جڏهن ته زخمين ۾ آفاق ، فضيلا ‘،شهناز ‘ ماجد ‘ ميرزادي ‘ثمينه ‘ شميم ‘ ام عليشاه شامل آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے