14 بدھ , نومبر 2018

ڀٽ شاھه ڀرسان ڄڃ جي گاڏي سان المناڪ حادثو،17ڄڻا فوت ،13 زخمي

ڀٽ شاھ (ويب ڊيسڪ) ڀٽ شاھ  ويجهو ڄڃ جي گاڏي سان  المناڪ حادثي  جي نتيجي ۾   17 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 13 کان وڌيڪ ڄاڃي زخمي ٿي پيا.ڳو ٺ محمد ھاشم زنئورجا ڳوٺاڻا قاضي احمد ويجهو ڳوٺ پنهوخان زنئور  مان شادي ڪري پنهنجي ماڳ ڏانهن وري رهيا هئا ته رستي ۾ سندن گاڏي جو ٽائر پنچر ٿي پيو .بگو شير بس اسٽا پ وٽ گاڏي جو ٽائر تبديل ڪيو پئي ويو ته پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرالر بيٺل ڄاڃين جي بس کي زوردار ٽڪر هنيو .بيٺل بس کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن معصو ۾ ٻان ۽ چئن عورتن سميت 17 ماڻهون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا.ڊپٽي ڪمشنر ۽  ايس ايس پي مٽياري موٽروي پوليس ۽  ڳوٺاڻن  ترت ئي فوتين جا مڙهه ۽  زخمين کي هالا ، ڀٽ شاهه ۽ مٽياري ۽ حيدرباد جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو .حادثي جي فوتين ۾ 12 ماڻهن جو تعلق هڪ ئي ڪٽنب سان آهي .فوتين ۾ شهميرا ، شهنيلا‘، شاهد ، محمد سليم، امتياز ، ايوب ، امين ۽ ٻيا شامل آهن  جڏهن ته زخمين ۾ آفاق ، فضيلا ‘،شهناز ‘ ماجد ‘ ميرزادي ‘ثمينه ‘ شميم ‘ ام عليشاه شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے