20 منگل , نومبر 2018

ڊي اين اي ۾ ڊيٽا کي محفوظ رکڻ وارو پهريون پروڊڪٽ 2019 ۾ پيش ڪيو ويندو

Data preserving first DNA in DNA will be presented in 2019بوسٽن(ويب ڊيسڪ) توهان ڊي اين اي ۾ ڊيجيٽل ڊيٽا جي غير معمولي مقدار رکڻ جي خبرون ته ٻڌيون هونديون، پر هاڻ هڪ ڪمپني چيو آهي ته هو ايندڙ سال ڊي اين اي ۾ ڊيٽا وارو پهريون واپاري پروڊڪٽ پيش ڪري رهي آهي. هاوروڊ يونيورسٽي جي لائف ليب ۾ قائم ٿيندڙ ان ڪمپني جو نالو ڪيٽلاگ آهي جيڪا ايندڙ سال ڊي اين اي گولي(پيلٽ) ٺاهيندي ۽ هڪ هڪ پيلٽ ۾ آرام سان 40 بليوري ڊي وي ڊيز جي برابر ڊيٽا رکي سگهبي. ان کان اڳ ماهر اهو ثابت ڪري چڪا آهن ته ڊي اين اي ۾ ڊيٽا کي هزارين سالن تائين محفوظ رکي سگهجي ٿو.  ان کان اڳ ماهرن ڊي اين ۾ تصويرون ۽ معلومات رکڻ جو مظاهرو ڪري چڪا آهن.هاڻ ڪيٽلاگ ڪمپني ڊي اين اي پيلٽ ۾ معلومات رکڻ جو اعلان ڪندي ايندڙ سال پهريون ڪمرشل پروڊڪٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ سال اڳ هو هڪ ڪلو بائٽ جا اشعار ڊي اين اي تي لکي چڪا آهن. هاڻ هو اهڙي مشين تي ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان فوري طور تي ڊي اين اي جي اربين ماليڪيولز تي ڊيٽا منتقل ڪري سگهبي. ايندڙ مرحلي ۾ آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ ٻين ادارن کي ڊي اين اي ڊيٽا اسٽوريج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن وقت تائين ڪيتريون ئي وڏيون ڪپمنيون ان نظام ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪري چڪيون آهن. جيڪڏهن اهو تجربو ڪامياب ٿيو ته ايڪويهن صدي ۾ ڊيٽا کي گهٽ جاءِ  تي محفوظ ڪرڻ جو تمام وڏو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. سڄي دنيا ۾ هر سال 4 کان 5 ارب زيٽا بائٽس جي ڊيٽا پيدا ٿي رهي آهي.  جيڪڏهن سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته 2040 تائين ڊيٽا کي محفوظ رکڻ هڪ ڳنڀير مسئلو بڻجي ويندو. هن وقت اسان موسيقي کان ويندي تصويرن تائين مقنا طيسي هارڊ ڊسڪ ۾ رکندا آهيون ۽ اها ڊسڪ پنهنجي حدن تائين پهچي رهي آهي. ان جو بهترين حل ڊي اين اي ۾ معلومات محفوظ رکڻ آهي. هن وقت زمين واري سياري تي جيتريون به فلمون ٺهيون آهن اهي سڀ کنڊ جي داڻي جيتري ڊي اين اي نظام ۾ رکي سگهجن ٿيون. بهترين ڳالهه اها آهي ته  پهريان اهو عمل تمام گهڻو مهانگو هيو ۽ هاڻ ڪافي سستو ٿي ويو آهي،  پر ان باوجود اڃان به اهو ڪافي مهانگو نسخو آهي. پر ماهر پُراميد آهن ته وقت سان گڏوگڏ ڊي اين اي ۾ ڊيٽا رکڻ واري ٽيڪنالوجي تمام آسان ۽ گهٽ خرچ ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ فون X اپڊيٽنگ دوران ڦاٽي پيو، ايپل جو جاچ جو واعدو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٽوئيٽر تي هڪ شخص پنهنجي اسمارٽ فون جي تصوير پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے