20 منگل , نومبر 2018

اداڪار عاشر عظيم ملڪ ڇڏي ڏنو

اوٽاوا(شوبز نيوز) 1992 ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن ( پي ٽي وي) تان نشر ٿيندڙ ڊراما سيريل ”ڌهوان“ کان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ عاشر عظيم پاڪستان ڇڏي ڏنو.پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ عاشر عظيم وطن ڇڏڻ جي تصديق ڪندي لکيو ته مان ملڪ ڇڏي ڏنو آهي، ڇو ته مان مايوس ٿي ويو آهيان، شريف يا زرداري سبب نه ، اهي ته سدائين اهڙا ئي هئا، مان هتان جي ماڻهن مان مايوس آهيان. عاشر عظيم وڌيڪ لکيو ته ماڻهو اصولن ۽ آدرشن جي ڳالهه ناهن ڪندا، پنهنجي آدرشن لاءِ آواز ناهن اٿاريندا، پنهنجي آدرشن تي کلندا آهن، کين شريف، زرداري رائو جهڙا ماڻهو ئي ملندا، بس رڳو نالا تبديل ٿي ويندا.پنهنجي پيغام ۾ عاشر عظيم پنهنجي جڳ مشهور ڊراما سيريل ”ڌهوان“ جو هڪ سين پڻ شيئر ڪيو، جنهن ۾ هو يعني اي ايس پي اظهر ڊرامي جي ٻين ڪردارن سان گڏ ملڪي حالتن تي ڪچهري ڪندي نظر آيا. ڪچهري دوران اظهر پنهنجي دوست نيڊو کي چوندو آهي، اڄ اسان جيڪو ڪجهه به آهيون، اهو ان ملڪ جي ڪري آهيون.  نيڊو سان مخاطب ٿيندي اظهر چوندو آهي ته توهان ته پنهنجي حفاظت ڪري وٺندا آهيو، جيڪي ماڻهو پنهنجي حفاظت نٿا ڪري سگهن، اهي ڇا ڪن؟ مري وڃن؟  يا اسان تي اهو فرض ناهي ته اسان ٿوڙي گهڻي ٻين ماڻهن جي به حفاظت ڪيون؟ ۽ آخر ۾ اظهر چوندو آهي ته ڪتو ٻن شين تي مرندو آهي، هڪ پنهنجي هڏي ۽ ٻيو پنهنجي گهر جي حفاطت تي، ڇا اسان ڪتن کان به بدتر آهيون؟ شاهڪار ڊرامي ”ڌهوان“ جي تقريبن 20 ورهين بعد عاشر عظيم پنهنجي فلم” مالڪ“ جي ذريعي شوبز ۾ واپسي اختيار ڪئي هئي، پر فلم کي سينسر بورڊ جي طرفان پابندي جو منهن ڏسڻو پيو هو. پر عاشر عظيم همت نه هارائي ۽ سينسر بورڊ جي فيصلي خلاف عدالت سان رابطو ڪيو، آخرڪار هو ڪيس کٽڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو ۽ فلم ريليز به ٿي وئي، پر ان سڄي ڪهاڻي دوران کيس ڪافي مالي خساري کي منهن ڏيڻو پيو. عاشر عظيم پاڪستان ڪسٽمز ۾ هڪ اهم عهدي تي مقرر هو، پر ڪجهه اڻ ڄاتل سبب ڪري هن پنهنجي ملازمت تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ پوءِ پاڪستان پڻ ڇڏي ڏنو ۽ هاڻ هو ڪينڊا ۾ ٽرڪ هلائي گذر سفر ڪري رهيو آهي، جنهن جي تصديق هن پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ڪئي. عاشر عظيم اڪثر ۽ ڪيترائي ڀيرا ملڪي حالتن،  واقعن ۽ حب الوطني تي ٻڌل پيغام شيئر ڪندو رهندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

راکي ساونت، تنوشري دتا کان معافي وٺي ڇڏي

ممبئي (شوب نيوز)بالي ووڊ جي آئٽم گرل راکي ساونت اداڪارا تنوشري دتا کان معافي گهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے