21 بدھ , نومبر 2018

نواڪ جوڪووچ چوٿون ڀيرو ومبلڊن ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

Nuvik Jocovich took the title as Wimbledon Tylerلنڊن(اسپورٽس نيوز) سربيا جي اڳوڻي عالمي نمبر هڪ نواڪ جوڪوچ ٻن سالن بعد پهريون گرينڊ سليم ٽائٽل کٽي ورتو، جڏهن ته هن ڏکڻ آفريڪا جي ڪيون اينڊروسن کي ومبلڊن جي فائنل ۾ شڪست ڏني. سٽريٽ سيٽن ۾ 6-2-6-2-7-6(7-3) تان ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد اهو نواڪ جوڪووچ جي ڪيريئر جو چوٿون ومبلڊن، ۽ گڏيل طور تي 13 هون گرينڊ سلم ٽائيٽل هو. پهرين ٻن سيٽن ۾ هن آساني سان برتري حاصل ڪري ورتي پر ٽئين سيٽ ۾ ڪيون اينڊروسن شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ کيس ٽف ٽائم ڏنو ۽ اهو سيٽ ٽائي بريڪ تائين ويو. هن ايونٽ جي ڪاميابي بعد هو گڏيل طور تي سڀ کان وڌيڪ گرينڊ سليم ٽائٽل کٽڻ  وارن ٽينس اسٽارن جي فهرست ۾ هاڻ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. ان فهرست ۾ سوئٽزرلينڊ سپر اسٽار راجر فيڊرر 20 گرينڊ سليم سان گڏ پهرين، اسپين جو  رافيل نڊال 17 ٽائيٽلن سان گڏ ٻئين ۽ آمريڪا جو سمپراس 14 ٽائيٽل سان ٽئين نمبر تي موجود آهن. گذريل ڏينهن سيمي فائنل ۾ جوڪووچ نڊال کي سوا پنجن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ دلچسپ مقابلي بعد شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ فائنل ۾ سندس مخالف ڪيون اينڊروسن ڪوارٽر فائنل ۾ فيڊرر کي چئن ڪلاڪن ۽ وري سيمي فائنل ۾ ساڍن ڇهن ڪلاڪن جي مقابلي بعد آمريڪا جي جان ازنر کي شڪست ڏني هئي. هي اينڊروسن جي ڪيريئر جو ٻيو گرينڊ سليم فائنل هو، گذريل سال کيس يو ايس اوپن ۾ رافيل نڊال شڪست ڏني هئي. ان ڪاميابي سان گڏ جوڪووچ هاڻ دنيا جي ڏهن بهترين رانديگرن جي فهرست ۾ واپس پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسٽريلوي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ اڄ کان شروع

سڊني (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ منعقد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے