13 منگل , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: حسرت موهاني سينٽرل لائبريري جي شاگردن جو  انتظاميا خلاف  احتجاج

Hyderabad: Protest by the students against management of Hasrat Mohani Central Library*حيدرآباد جي حسرت موهاني سينٽرل لائبريري جي ميمبرن ۽ شاگردن انتظاميا خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

علم سان اهه رکندڙن  صفدر علي، ساجن بروهي، ظفر چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي هنن  چيو ته حسرت موهاني سينٽرل لائبريري کي انتظاميا مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.

 احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته لائبريري ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي به موجود ناهي ۽ ڪتابن جي به تمام گهڻي کوٽ آهي.

 سندن چوڻ هو تھ  لائبريري جي چلڊرين سيڪشن ۽ اِي سيڪشن تي انتظاميه قبضو ڪري اسٽاف کي آفيسون ٺاهي ڏنيون آهي.

 هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري لائبريري جي شاگردن کي  سهولتون مهيا ڪيون وڃن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے