13 منگل , نومبر 2018

يمن کان  سعودي تي شيلنگ جي نتيجي 3 شهري زخمي

The shelling result from Yemen to Saudi Arabia is a civilian woundedرياض(ويب ڊيسڪ) يمن مان سعودي عرب تي فائر ڪيل ميزائل جا ٽڪڙا لڳڻ سبب ٽي شهري زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يمن جي حڪومت تي قبضو ڪندڙ حوثي باغين سعودي عرب جي صوبي جازان جي سرحدي ضلعي العارضا تي شيلنگ ڪئي جنهن نتيجي ۾ ٽي نوجوان زخمي ٿي پيا آهن. زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جازان صوبي ۾ شهري بچاءُ  جي ميڊيا ترجمان يحييٰ عبدالله القحطاني چيو آهي ته زخمين ٿيندڙ ٻن نوجوانن جي عمر 20 سالن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ٽئين جي عمر ڏهه سال آهي. ٽئي نوجوان شيلنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيا ۽ کين هٿيارن جا ٽڪڙا لڳا هئا. شهري دفاع واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري حفاظتي انتظامن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه دوران حوثي باغين ۽ سعودي اتحادي فوج جي وچ ۾ چڪرين ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هزارين خاندان دربدر ٿي ويا آهن، سعودي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته حوثي باغين جي طرفان سرحدي علائقن تي فائر ڪيل ميزائل ايراني ساخته آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khashoggi murder: Pompeo tells crown prince the US will hold all involved accountable

آمريڪا جو سعودي عرب کان خاشقجي قتل جي سمورن ڪردارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے