13 منگل , نومبر 2018

فيفا ورلڊ ڪپ دوران روس مٿان 25 ملين سائبر حملا ڪيا ويا:پيوٽن

Cyber attacks have been carried out over Russia over the FIFA World Cup: Putinماسڪو(ويب ڊيسڪ) روسي صدر والاديمير پيوٽن چيو آهي ته فٽبال جي عالمي ڪپ دوران روس مٿان 25 ملين سائبر حملا ڪيا ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فٽبال جي عالمي ڪپ دوران دلچسپ مقابلا فرانس جي ڪاميابي سان گڏ پنهنجي پڄاڻي تي پهتا.  عالمي ڪپ دوران بهترين ميزباني ڪرڻ تي سڄي دنيا ۾ روس جي ميزباني جي تعريف ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته روسي صدر پيوٽن عالمي ايونٽ دوران 25 ملين سائبر حملن جو انڪشاف ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. روسي صدر پيوٽن گذريل ڏينهن سيڪيورٽي اختيارين سان گڏ اهم گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ته فٽبال جي عالمي ڪپ دوران روس جي اطلاعاتي ڍانچي تي 25 ملين سائبر ۽ ڏوهاري حملا ڪيا ويا آهن جن کي اسان جي ماهر ٽيم ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. روس جي ڪاميابي کان ڊنل ماڻهو  مختلف ترڪيبن سان روس کي بدنام ڪرڻ جو ڪو به موقعو نٿا وڃائڻ چاهين. جڏهن ته  روسي صدر پيوٽن حملن جي ذميدار جي حوالي سان ڪا به ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڏوهاري طرفان ان حوالي سان وڌيڪ وضاحت پيش ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزا: اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ هوائي حملن ۾ 6 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين ۾ قابض اسرائيلي فوج جي بناجواز فائرنگ ۽ هوائي حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے