18 اتوار , نومبر 2018

ملتان: هوٽل ۾ ڌڪامو، 2 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا اجل جو شڪار

Multan: Thousands of villagers in the hotel include 2 chickens, 2 childrenملتان(ويب ڊيسڪ) گلشن مارڪيٽ ۾ قائم هوٽل ۾ ڌماڪي ۾ 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 25 زخمي ٿي پيا. ملتان جي علائقي گلشن مارڪيٽ ۾ قائم هوٽل ۾ ڌماڪي ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي ريسڪيو ادارن طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. سي پي او منير مسعود واقعي ۾ 3 ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ 25 ڄڻن جي زخمي هئڻ جي تصديق ڪئي آهي. نجي ٽي وي چينل جي رپورٽن موجب شروعاتي اطلاعن ۾ ڌماڪي کي سيلنڊر ڦاٽڻ جو واقعو قرار ڏنو ويو پر انتظاميا جي طرفان ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳائڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي بعد هوٽل جو هڪ حصو ۽ ڀت ڪري پئي جڏهن ته فوت ٿيلن ۾ ٻه ٻارڙا به شامل آهن جن مان هڪ جي عمر اڍائي سال آهي. سي پي او موجب ڌماڪي جي نوعيت ڄاڻڻ لاءِ ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ ٻين ادارن کي طلب ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين پاڪستان جي نالي تي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جورستو روڪينداسين: بلاول

گلگت( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے