18 اتوار , نومبر 2018

ڊالر جي اڏام، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت ٻاڙائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت ٻاڙائي جو رجحان ڏٺو ويو ۽ هنڊرڊ انڊيڪس 605 پوائنٽن سان بند ٿيو. انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي تاريخ ۾ ڊالر جي بلند ترين سطح کانپوءِ سيڙپڪار به بي يقيني واري صورتحال ۾ نظر آيا. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڊالر جي بلند ترين سطح سبب 100 انڊيڪس ۾ 8 سئو پوائنٽن جي گهٽتائي ڏٺي وئي. مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي ۽ پوائنٽن جي گهٽتائي سبب هنڊرڊ انڊيڪس پهرين سيشن ۾ 39 هزار 500 جي سطح کان به هيٺ اچي ويو. ڪاروبار جي خاتمي تي هنڊرڊ انڊيڪس ۾ 605 پوائنٽن جي گهٽتائي ڏٺي وئي ۽ انڊيڪس 39 هزار 665 تي بند ٿيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے