17 ہفتہ , نومبر 2018

عمران خان جي ڪارڪردگي پشاور جا کنڊر آهن: امير مقام

سوات (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ امير مقام چيو آهي ته عمران خان کي چئلينج ڪيان ٿو ته ٻين کي گاريون ڏيڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري.  منگلورا ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي امير مقام چيو ته عمران خان جي ڪارڪردگي پشاور جا کنڊر آهن، هن ڌرڻن، گار گند ۽ فحاشي پکيڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم نه ڪيو، جڏهن هتي ڊينگي جي وبا آئي ته عمران خان پاڻ نٿيا گلي ڀڄي ويو، توهان ڪڏهن اهڙو ليڊر ڏٺو آهي، جيڪو عوام کي ڏکيائين ۾ ڇڏي ڀڄي ويو هجي. هن چيو ته نواز شريف ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندو، سوات وارا جاڳيا آهن، چونڊن ۾ شهباز شريف کي ڪامياب ڪندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس طرفان مولانا سميع الحق جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽم مارٽم جو فيصلو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پوليس جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قبرڪشائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے