22 جمعرات , نومبر 2018

نگران حڪومت پرامن چونڊن لاءِ دهشتگردي جي واقعن کي روڪي: چوڌري شجاعت

لاهور (ويب ديسڪ) ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته اميدوارن ۽ ووٽرن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جو فرض آهي، اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جا خدشا درست ثابت ٿيا، نگران حڪومت پرامن چونڊن لاءِ دهشتگردي جي واقعن کي روڪي. پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ هو ته تازو ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ دشمنن دهشتگردي جي انتها ڪري ڇڏي آهي، نگران حڪومت پرامن چونڊن لاءِ دهشتگرد واقعن کي روڪي، عوام اختلافن کان مٿانهون ٿي ملڪي سلامتي جي علمبردارن کي ووٽ ڏئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جا خدشا درست ثابت ٿيا، يورپي يونين جي چونڊ مبصرن جي تبصرن کي به اهميت ڏني وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے