22 پیر , اکتوبر 2018

نگران حڪومت جو ڌيان امن امان بدران سياسي اڳواڻن جي گرفتارين تي آهي: رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سينيٽر رضا رباني نگران حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اختياريون امن امان جي صورتحال تي خاموش آهن ۽ سڄو ڌيان سياسي اڳواڻن جي گرفتارين تي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته آئين تحت رياست جي ذميواري آهي ته اها شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري، هن وقت رياست نگران حڪومت آهي ۽ ذميواري انهن تي لاڳو ٿئي ٿي، نيڪٽا جي رپورٽ موجب ڇهن سياسي پارٽين جي سربراهن جي حياتين کي خطرو آهي، ڪوئيٽا ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا، اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ باوجود اڄ هن ايوان ۾ گهرو وزير موجود ناهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سياستدانن جي حياتين کي خطري بابت صوبائي حڪومتن کي خط لکيو ۽ چُپ ٿي ويو، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون به خاموش ٿي ويون، حڪومت جو سڄو ڌيان سياسي اڳواڻن جي گرفتارين ۽ ڪنٽينر لڳائڻ تي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے