13 منگل , نومبر 2018

سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 3 گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي آواران ۽ سبي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروايون ڪندي چئن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 3 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سڄي ملڪ ۾ آپريشن الفساد تحت ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي بلوچستان جي علائقي آواران ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڌماڪيدار مادو ۽ مواصلاتي اوزار به هٿ ڪيا ويا. هوڏانهن سبي ڪوهلو روڊ تي به ڪامياب آپريشن ڪندي ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے