22 پیر , اکتوبر 2018

معيشت جي خراب صورتحال، ناڻي بابت نگران وزير طرفان آءِ ايم ايف جو در کڙڪائڻ جو اشارو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت نگران وزير چونڊن کانپوءِ آءِ ايم ايف جو نئون پروگرام وٺڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ملڪي معيشت جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي عالمي مالياتي اداري کان قرض وٺڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن ۽ ان ڏس ۾ ناڻي بابت نگران وزير چونڊن کانپوءِ آءِ ايم ايف پروگرام وٺڻ جو اشارو ڏنو آهي. ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته پروگرام حاصل ڪرڻ لاءِ شروعاتي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ لاڳيتي گهٽائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، ذخيرا ٻن مهينن جي درآمد کي به پورا نٿا ڪري سگهن. ماهرن موجب اندرين خدشن ۾ اضافي سبب رپيو به دٻاءَ جو شڪار آهي، ڊسمبر کان وٺي هيل تائين ان جي قدر ۾ 20 رپئي جي گهٽتائي ٿي آهي. رپئي جو قدر گهٽجڻ سان ملڪ تي قرضن جي ٻوجهه ۾ لڳ ڀڳ 18 سئو ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. واضح رهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو پاڪستان 5 سالن ۾ ٻيو ڀيرو آءِ ايم ايف جو در کڙڪائيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے