17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: چمبڙ: رينجرز ۽ پوليس جو ڪومبنگ آپريشن، ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار

Chambar: Rangers and coupon operations of the police, many suspects were arrested*چمبڙ ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪومبنگ آپريشن ڪري ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ۽ پوليس ڪراچي هوٽل، چارڪي اسٽاپ ۽ مسافر خانن سميت مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي پڇا ڳاڇا لاءِ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو.

ڪومبنگ آپريشن دوران  پوليس ۽ رينجرز گڏجي شھر ۾ فلائنگ مارچ به ڪيو.

هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي  ايس ايچ او چمبڙ رياض سومرو چيو اڄوڪي ڪارروائي ملڪ ۾ جاري ڪومبنگ آپريشن جي ھڪ ڪڙي آھي، سڀني کي اطلاع ڏنل آهي ته شڪي ماڻهن بابت ترت اطلاع ڏين ته جيئن ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪري سگهجي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے