21 اتوار , اکتوبر 2018

گذريل چونڊن ۾ پ پ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي پر هاڻ ائين نه ٿيندو: پير پاڳارو

ٽنڊو آدم (ويب ڊيسڪ) جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته اسان ڪالا باغ ڊيم جي ڪڏهن به حمايت ناهي ڪئي پر 1985ع کان ڀاشا ڊيم جي حمايت ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جو به چيو. ٽنڊي آدم جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي پير پاڳاري چيو ته ايندڙ حڪومت جي ڊي اي جي هوندي، سنڌ ۾ پ پ سان دوبدو مقابلي لاءِ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ، ايم ايم اي ۽ ٻين پارٽين سان ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ فرق آهي، گذريل چونڊن ۾ پ پ کي سرڪاري مشينري جي مدد هئي پر هاڻي اهي شيون ناهن، پ پ ڏهن سالن ۾ جيڪو عوام سان ڪيو، اهو مزاحمت جي صورت ۾ سندن سامهون اچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي سزا عدالت ڏني آهي، ان ۾ نيب ۽ نگران حڪومت جو ڪو به ڪردار ناهي، احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي. هاڻي ٻين جو وارو آهي. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے