20 منگل , نومبر 2018

نيوز: سوڀو ديرو: وارڊ نمبر جي 4 رهواسين جي  ڪائونسلر  خلاف بک هڙتال

Sobhodero: Hunger strike against Councillor by 4 residents *سوڀو ديرو شهر جي وارڊ نمبر جي 4 رهواسين ڪائونسلر جي خلاف بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي.

فريد ملاح ، فاروق ملاح الزام هنيو  ته وارڊ چار جي ڪائونسلر ذوالفقار ملاح کي ٽي ڀنگين جون نوڪريون مليون جيڪي هن مسڪين ڀنگين کي ڏيڻ بدران پنهنجي مائٽن کي ڏئي ڇڏيون .

هنن چيو ته هو پيپلز پارٽي جا پراڻا ورڪر آهن پر کين سدائين نظر انداز ڪيو پيو وڃي

هنن بهتان مڙهيو  ته ڪائونسلر ذوالفقار ملاح وارڊ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ بدران آيل  بجيٽ هڙپ ڪئي آهي.

هنن الزام هنيو ته ڪائونسلر غريبن جو مال ڳڙڪائي امير بڻجي ويو آهي پر سندس خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي

هنن مطالبو ڪيو ته وارڊ چار جي ڪائونسلر جي مبينا بدعنواني جي جاچ ڪرائي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے