15 جمعرات , نومبر 2018

دڙي لڳ پوليس چڙهائي، فائرنگ ۽ شيلنگ، 3 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي، ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

Darro,  PoliceOperationدڙو(ت ر)دڙي لڳ ٻيلي پوليس جي حد ڳوٺ عبدالله سوڍو ۾ سجاول ۽ ٻيلو پوليس جي اٽالن چوري جو چوپايو مال, موٽرسائيڪلون ۽ ڏوھارين جي موجودگي واري اطلاع تي جيئن پھتي ته ڳوٺاڻن ۽ پوليس وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. جنھن

جي نتيجي ۾ پوليس ڳوٺ ۾ موجود گھرن ۾ داخل ٿي چاڌر ۽ چوُديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ٻارن پوڙھن ۽ نوجوانن کي سخت تشدد جو نشانو بنايو. ڳوٺاڻن جي دعوي موجب پوليس وحشياڻي ظلم ۽ زيادتين جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ٽن عورتن 50 سالن جي ڏاڏي زال بلاول سوڍو کي پير ۾ گولي ھڻي کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو جڏھن ته ڳوٺ جي ٻئي عورت ڪزل زال ايوب سوڍو کي گوڏي ھڻي سخت زخمي ڪري وڌو. اھڙي ڳوٺ جي ٽئي عورت شاھينه زال قادر بخش سوڍو پوليس جي لٺين ۽ شيلنگ سبب سخت زخمي ٿي پئي. ٽئي عورتون ڪافي دير تائين تڙپنديون رھيون. ساڳئي وقت پوليس ڳوٺ جي تاج محمد سوڍو کي تشدد بعد سندس ٻانھن ڀڃي ڇڏي ۽ کيس سندس ٽن ورهين جي معصوم نينگر علي محمد سوڍو سميت گرفتار ڪري کڻي وئي. ھوڏانھن متاثر ڳوٺاڻن علي شير سوڍو, خير محمد, رجب, حاجي سڪڻون, غلام نبي, خالق ڏنو, حنيف ۽ ممتاز سوڍو جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻن پوليس فائرينگ, ڦرلٽ ۽ تشدد خلاف دڙو ٻيلو روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ان موقعي تي ھنن ٻيلو ۽ سجاول پوليس تي الزام ھڻندي چيو ته پوليس بنا جواز ڳوٺ تي چڙھائي ڪري چاڌر ۽ چوُديواري جو تقدس پائمال ڪري گھرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد, فائرينگ ۽ شيلينگ ڪري 3 عورتن کي گوليون ھڻي کين سخت زخمي ڪرڻ بعد ھڪ 3 سالن جر ٻار سميت ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪيو آھي. ھنن چيو پوليس گھرن ۾ ڀڃ ڊاءَ ڪري سونا زيور ۽ چوپايو مال ڦر ڪري وئي آھي. ٻئي طرف ٻيلو پوليس جي ايس ايڇ او حفيظ سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي دعوي ڪندي چيو ته ڳوٺ عبدالله سوڍو ۾ ڏوھاري ماڻھن جي موجودگي ۽ چوري ٿيل چوپائي مال جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس ڪارروائي لاءِ پھتي ته ھٿياربندن پوليس تي حملو ڪري ٽن پوليس اھلڪارن کي زخمي ڪري پوليس جي موبائيل کي ڀڃي ڇڏيو. ھوڏانھن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آھي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے