18 جمعرات , اکتوبر 2018

اردو ڳالهائيندڙ نفرت پکيڙيندڙ کي سڃاڻي چڪا آهن: جماعت اسلامي ڪراچي

Hafiz Naeemur Rehmanڪراچي (رپورٽر ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اردو ڳالهائيندڙ نفرت پکيڙيندڙن کي سُڃاڻي چُڪا

آهن، جھموريت جو راڳ ڳائيندڙ جماعتن ۾ به جھموريت بجاءِ خانداني سياست آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ”ميٽ دي پريس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ”مهاجرن“ جو نعرو هڻي مهاجرن جا ملندڙ ووٽ وڏيرن جي جھولي ۾ وجھندي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي باني ۽ چونڊيل نمائندن ماڻهن جي محبت کي ڪيئي سالن کان وڪرو ڪندي پئي اچي. پر هاڻي ماڻهو کين سمجھي چُڪا آهن. پرويز مشرف ايم ڪيو ايم کي نوازيندو رهيو پر ايم ڪيو ايم ڪڏهن به شهر جي ترقي لاءِ ڪو ميگا پراجيڪٽ نه ورتو. ڪراچي ۾ ترقي ۽ روڊ رستا جماعت اسلامي جي ميئر ئي ڏياريا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، فيصل واوڊا ڪراچي ۽ سنڌ لفظ واپس ورتا

مٺي: گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير شاهي پروٽوڪول سان ڏڪاريل ڏيھه ٿر پهچي ويا،پوليس اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے