14 بدھ , نومبر 2018

مخدوم جميل- آصف ملاقات، سروري اميدوار ويهارڻ تي اتفاق نه ٿيو

Makhdoom Jamil,  AsifAliZardariڪراچي(رپورٽر) قيادت سان اختلافن سبب پ پ جي سينيئر اڳواڻ مخدوم جميل الزمان پاران سروري جماعت جي اميدوارن کي پ پ اميدوارن سامهون چونڊن

۾ بيهارڻ سبب پ پ قيادت مسلسل مونجهاري جو شڪار رهڻ بعد مخدوم کي پرچائڻ جون ڪوششون جاري آهن، ذريعن موجب پ پ جي سينيئر اڳواڻ قائم علي شاهه، مرادعلي شاهه ۽ ٻين پاران مخدوم جميل الزمان سان مسلسل ڳالهين بعد کيس حتمي طور معاملا پ پ پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري حل ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو، جنهن بعد ڪالهه پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان مرڪزي قيادت آصف علي زرداري سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مٽياري ضلعي ۾ سياسي صورتحال سميت پوري سنڌ جي سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب آصف علي زرداري مخدوم جميل الزمان تي زور ڀريو ته سروري جماعت جي اميدوارن کي هٿ کڻايو وڃي، ذريعن موجب مخدوم جميل الزمان کيس خاطري ڪرائي ته معاملا پارٽي اندر ويهي ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت 2 معصوم ڀائر مٽي ماءُ حوالي، رشتيدارن جا بيان قلمبند

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي زم زمه ۾ هڪ هوٽل مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے