21 بدھ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ فواد چوڌري کي چونڊن  ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو

The Supreme Court declared Fauud Chaudhary as a candidate to participate in the electionsاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري کي چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ فواد چوڌري جي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. فواد چوڌري جي مقابلي ۾ بيٺل اميدوار سيد گوهر حيدر طرفان داخل ڪيل درخواست تي عدالت ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد خارج ڪندي فواد چوڌري کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس عظمت سعيد درخواست گذار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان نامزدگي ڪاغذن جي وقت اعتراض داخل ناهي ڪيو، نئي درخواست جي جاءِ تي اپيل رد ٿيڻ جي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ گهرجي ها. ياد رهي ته تحريڪ انصاف فواد چوڌري قومي اسمبلي جي سيٽ اين اي 67 جهلم تان چونڊ وڙهي رهيو آهي ۽ سندس نااهلي بابت درخواستون ٽربيونل ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان پڻ رد ڪيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے