17 ہفتہ , نومبر 2018

نواز شريف خلاف العزيزيه، فليگ شپ ريفرنس مختصر ٻڌڻي بعد سڀاڻي تائين ملتوي

Along with Nawaz Sharif, Fifth Ship Referrals will be briefed after the briefingاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس مختصر ٻڌڻي بعد عدالتي ڪاروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير ٻنهي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي ته نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث جي جاءِ مددگار وڪيل سعد هاشمي پيش ٿيو ۽ نيب پراسيڪيوٽر افضل قريشي نيب طرفان ڪيس جي پيروي ڪئي.ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شريف فيملي جي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون آهن، ان موقعي ته احتساب عدالت جي جج چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ڪهڙو حڪم ٿئي ٿو ته ان جو انتظار ڪري ٿا وٺون. احتساب عدالت جي جج ڳالهه ٻولهه دوران نواز شريف جي وڪيل کي چيو ته توهان جون ٻئي درخواستون هاءِ ڪورٽ اُماڻيون ويون آهن جنهن تي وڪيل سعد هاشمي چيو ته اسان به ريفرنس ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ  جي درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا لڳي رهيو آهي اڄ فيصلو اچي ويندو؟  ان موقعي ته احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته هن به هڪ درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ ڏني آهي پر اها ته انٽرنل ٻڌي ويندي جڏهن ته ٻڌو آهي ته قانون واري وزارت به جيل ٽرائل جو چيو آهي جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته اسان کي ان نوٽيفيڪيشن جو نوٽيس ناهي مليو. احتساب عدالت جي جج پڇاڻو  ڪيو ته خواجا حارث ڪڏهن ايندو، ان سان طئي ڪنداسين ته جيل ٽرائل ۽ ٻين ٻن ريفرنس جو ڇا ڪرڻو آهي جنهن بعد عدالت سڀاڻي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. نواز شريف جي جيل ۾ ٽرائل بابت صحافي احتساب عدالت جي جج محمد بشير کان سوال ڪيو ته جيل ٽرائل دوران ڇا ميڊيا کي ڪوريج جي اجازت هوندي، جيل کان ٻاهران بيهي جاندار رپورٽنگ نٿي ڪري سگهجي.صحافين مطالبو ڪيو ته کين ٽرائل جي رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي جج محمد بشير چيو ته صحافين کي نواز شريف جو جيل ٽرائل ڪور ڪرڻ جي اجازت هوندي پر ان لاءِ  سندن خاص پاس ٺهرايا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے