16 جمعہ , نومبر 2018

ڪرپشن سبب عوام کان گئس ۽ بجلي کسجي وئي: عمران خان

ميانوالي (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو

آهي ته ن ليگ ۽ پ پ ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو اندريون قرض آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪس جو پئسو گڏ ٿيندو آهي پر اهو قومي ناڻي ۾ نه پر چوري ٿيندو آهي، تنهن ڪري قرضن سبب قوم غريب ٿي رهي آهي، قرض جون قسطون موٽائڻ لاءِ ٽيڪس لڳايو ويندو آهي. ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اڄ خراب خبر اها آهي ته ڊالر، جيڪو 10 سال اڳ 60 رپين جو هو 130 تي پهچي ويو آهي، رپئي جو قدر گهٽجڻ سان قوم تي هڪ هزار ارب رپين جو قرض وڌي ويو آهي، قرض موٽائڻ لاءِ ٽيڪس لڳندو، جنهن سان مهانگائي وڌندي. هن چيو ته ڪرپٽ ماڻهو هتان پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪليندا آهن ۽ انهن جا ٻار ارب پتي آهن، جيڪڏهن انهن کان پڇو پئسا ڪٿان آيا ته چوندا آهن ٻار برطانيا جا شهري آهن، اهي جوابده ناهن. سندس چوڻ هو ته 10 سال اڳ گئس 150 رپيا يونٽ تي هئي، جيڪا اڄ 573 رپيا في يونٽ آهي، انهن سالن ۾ گئس ڪيڏانهن وئي، جڏهن گئس ۽ بجلي جي قيمت وڌندي آهي ته عوام وٽ پئسو گهٽجي ويندو آهي. عمران خان چيو ته چونڊن دوران جڏهن ن ليگ وارا توهان کان ووٽ وٺڻ اچن ته انهن کان پڇجو توهان 10 ورهين کان پنجاب ۾ آهيو، 5 سالن کان وفاق ۾ آهيو، هڪ ادارو ئي ٻڌايو، جنهن کي توهان درست ڪيو هجي. تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته 5 سالن ۾ پي آءِ اي، واپڊا، اسٽيل ملز ۽ ريلوي ۾ 3600 ارب رپين جو نقصان ٿيو، اهو عوام جو نقصان ٿيو آهي، جيڪو حڪمرانن ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت ٺاهي ئي تبديلي آڻي سگهجي ٿي، آزاد اميدوار پاڻ کي فائدو ڏئي سگهي ٿو پر ملڪ کي نه، ڇو ته اهو چونڊجي پاڻ کي نيلام ڪندو.1129

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے