21 بدھ , نومبر 2018

فوربز ميگزين سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ 100 انٽرٽينرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

Forbes Magazine released the list of most 100 active internet usersنيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي بزنس ميگزين فوربز دنيا ۾ سڀ وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ 100 انٽرٽينرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ آمريڪي باڪسر فلائڊ مي ويدر 34 ارب رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪري سال جو سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ انٽرٽينر بڻجي ويو. آمريڪي باڪسر فلائيڊ مي ويدر سال 18-2017 ۾ 34 ارب 64 ڪروڙ 17 لک پنجاهه هزار رپيا ڪمائي سمورن انٽرٽينرن کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ ان ۾ وڏو حصو سندس گذريل سال ٿيندڙ ڪونرمڪ گريگر سان فائٽ جو آهي جنهن ۾ هن مڪس مارشل آرٽس جي بادشاهه کي شڪست ڏني هئي. ان فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙ باليووڊ اداڪار جارج ڪلوني آهي جنهن جي سال جي آمدني 28 ارب 56 ڪروڙ 42 لک پنجاهه هزار رپيا آهي. ريئلٽي اسٽار ڪائلي جينر 20 ارب 23 ڪروڙ 80 لک 75 هزار رپيا ڪمائي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فنڪارن ۾ ٽئين نمبر تي آهي. اهڙي طرح هاليووڊ سپر اسٽار رڊيوين جانسن جيڪو ”دي راڪ“ جي نالي سان مشهور آهي جي آمدني گذريل سال کان ٻيڻي رهي. فاسٽ اينڊ فيوريس ۽ جمانجي جهيڙي بلاڪ بسٽر فلمن  ڏئي رڊيوين جانسن 15 ارب 7 ڪروڙ 22 لک رپيا ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ان فهرست ۾ سندس نمبر پنجون آهي. ارجنٽينا جو ناليوارو فٽبالر ليونل ميسي 111 ملين ڊالرن سان  اٺين،  پرتگال  جو ڪرسٽيانو رونالڊو 108 ملين ڊالرن سان 10 هين ۽ برازيل جو نيمار 13هين نمبر تي آهن. ان فهرست ۾ ڀارت جا به ٻه اداڪار جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويا آهن، جن ۾ اڪشي ڪمار ساڍن 40 ملين ڊالرن سان 76 هين ۽ سلمان خان 37.7 ملين ڊالرن سان 82 هين نمبر تي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے