20 منگل , نومبر 2018

پاڪستاني فلمن لاءِ ڀارتي ڊسٽربيوٽر ميدان تي اچي ويا

The Indian Distributors came to the field for Pakistani filmsلاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني فلمن جي معيار ۾ بهتري، عالمي مارڪيٽ تائين پهچڻ لاءِ  پاڙيسڙي ملڪ ڀارت جون ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون ميدان اچي ويون. پهرين مرحلي ۾ باليووڊ جي سڀ کان وڏي ڪمپني اداري يش راج فلمز علي ظفر جي فلم”طيفا ان ٽربل“ هڪ ئي وقت 25 ملڪن ۾ ريليز ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ته ٻئي پاسي نوجوان هدايتڪار نبيل قريشي جي فلم” لوڊ ويڊنگ“ کي زي اسٽوڊيو انٽرنيشنل دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ريليز ڪرڻ جو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته طيفا ان ٽربل 20 جولائي تي پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ هڪ ئي وقت ريليز ڪئي ويندي، جڏهن ته ”لوڊ ويڊنگ“ عيدالاضحيٰ جي موقعي ته نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. ان حوالي سان پاڪستان ۾ شوبز سان واسطو رکندڙ سينيئر اداڪارن جو چوڻ آهي ته اسان جا مخالف به هاڻ اسان جي فلمن جي معيار کان متاثر ٿي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميتاڀ بچن پاران مسلمانن کي عيدميلاالنبي(ص)جي مبارڪباد

ممبئي(شوبز نيوز بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن مسلمانمن کي جشن عيد ميلادالنبي حضور اڪرم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے