10 پیر , دسمبر 2018

ڊالر جي اگهن ۾ اضافو اڳوڻي حڪومت سبب ٿيو: سليم مانڊوي والا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافو اڳوڻي حڪومت سبب ٿيو، اسحاق ڊار کان چيو هو ته قيمت هٿرادو نموني گهٽ نه ڪيو. ڪراچي ۾ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي سليم مانڊوي والا چيو ته 7 کان 8 بلين ڊالر ناڻي ۾ وڌا ويا ته جيئن قدر گهٽ رهي، ڊالر جو اگهه مارڪيٽ تي ڇڏيو وڃي ته معيشت کي اهڙو جهٽڪو نه لڳي ها. هن چيو ته رڳو  ڏيکاءَ لاءِ ڊالر کي هٿرادو طور مستحڪم رکيو ويو، معيشت تي هڪ گڏجاڻي نه گهرائي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے