16 جمعہ , نومبر 2018

عرفان خان جي تصوير خراب صحت بابت افواهن جو خاتمو آڻي ڇڏيو

لنڊن(شوبز نيوز) عرفان خان جي ٽوئيٽر تي خوشگوار موڊ ۾ تصوير اداڪار جي خراب صحت بابت ايندڙ سمورين خبرن جو خاتمو آڻي ڇڏيو. ڪجهه مهينا اڳ ڀارتي اداڪار عرفان خان ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو هو ته هو موتمار بيماري ۾ وڪوڙجي ويو آهي، عرفان خان موجب هن کي نيورو اينڊوڪرائن ٽيومر نالي بيماري آهي جنهن جو سڌو تعلق دماغ سان ناهي هوندو پر هي آنڊن ۾ ٿيندڙ رسولين هونديون آهن جن کي عام طور تي آنڊن جو ڪينسر سڏيو ويندو آهي. بيماري جي تصديق بعد عرفان خان علاج لاءِ لنڊن هليو ويو جتي سندس علاج جاري آهي جڏهن ته هڪ ڀارتي صحافي انڪشاف ڪيو آهي ته عرفان خان جي طبعيت مسلسل خراب ٿي رهي آهي ۽ هو صحتيابي طرف وڃڻ بجائي وڌيڪ بيمار ٿيندو پيو وڃي. عرفان خان جي صحت جي حوالي سان سموريون افواهون ان وقت ختم ٿي ويون جڏهن اداڪار پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پنهنجي خوشگوار موڊ ۾ تصوير شيئر ڪئي. ٻئي پاسي هدايتڪار وشال ڀردواج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عرفان خان سان روزاني بنيادن تي سندس ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي ۽ هو تيزي صحتياب ٿي رهيو آهي، جڏهن ته کيس توهان جي دعائن جي ضرورت آهي، عرفان خان مڪمل صحتيابي بعد فلم انڊسٽري ۾ ضرور واپس ايندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن احد ۽ مومنه ڪوڪو ڪورينا ڳائي سگهن ٿا ته جگر جلال ڇو نه؟

ڪراچي(شوبز نيوز)ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ گذريل مهيني احد رضا مير ۽ مومنا مستحسن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے