23 منگل , اکتوبر 2018

پي ٽي آءِ اميدوار ناصر چيما کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ چونڊ پوسٽر تي آرمي چيف ۽ چيف جسٽس جي تصوير لڳائڻ جي ڪيس ۾نااهل قرار ڏنل پي ٽي آءِ اميدوار ناصر چيما کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن چونڊ پوسٽرن تي آرمي چيف ۽ چيف جسٽس جي تصوير لڳائڻ تي پي پي 53 گوجرانوالا پي ٽي آءِ اميدوار ناصر چيما کي نااهل قرار ڏنو ويو هو، جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته منهنجي اصيل کي چونڊ پوسٽر لڳائڻ جي بنياد تي نااهل ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن کيس غير قانوني طور نااهل ڪيو آهي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ناصر چيما کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے