18 اتوار , نومبر 2018

پي ايس 51 تان آزاد اميدوار علي مراد راڄڙ پ پ پ اميدوار سردار علي شاھه جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ايم پي اي ۽ پي ايس 51 تان آزاد اميدوار علي مراد راڄڙ پ پ پ اميدوار سيد سردار علي شاھه جي حق ۾ هٿ کڻي ورتو. تفصيل موجب پي ايس 51 تان آزاد اميدوار طور بيٺل علي مراد راڄڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار سيد سردار علي شاھه جي حق ۾ هٿ کڻي ورتو آهي، پ پ پ اميدوار سيد سردار علي شاھه آزاد اميدوار علي مراد راڄڙ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران علي مراد راڄڙ سيد سردار علي شاھ تي اعتماد ڪندي هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو. اُن موقعي تي علي مراد راڄر جو چوڻ هو ته آئون سدائين پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ آهيان ۽ منهنجو مرڻ جيئڻ پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ هوندو، ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي هوندي، سيد سردار علي شاھ سان گڏ آهيان 25 تاريخ تي مخلافن کي شڪست ڏينداسين. اُن موقعي تي پ پ پ اميدوار سيد سردار علي شاھ چيو ته علي مراد راڄڙ پ پ پ جو سينيئر اڳواڻ آهي ۽ سندس جي حمايت سدائين حاصل رهي آهي. 25 تاريخ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي فتح ٿيندي ۽ مخالفن کي هميشه جيان شڪست نصيب ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے