15 جمعرات , نومبر 2018

آمريڪا ۾ شڪي روسي ايجنٽ عورت گرفتار

Shiky Russian agent arrested in the United Statesواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ روسي عورت کي جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا 29 ورهين جي روسي عورت ماريا بوٽينا کي سياسي جماعتن ۾ شموليت حاصل ڪري روس لاءِ آمريڪا جي جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. عورت تي الزام آهي ته هو ماسڪو جي اعليٰ عهديدار جي هدايت تي آمريڪا جي جاسوسي ڪندي هئي اڃان عورت خلاف چارج شيٽ پيش ناهي ڪئي وئي. آمريڪي انٽيليجنس اداري جي اختيارين جو چوڻ آهي ته روسي عورت جون سرگرميون شڪي هيون هو آمريڪي سياستدانن تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ سياسي جماعتن ۾ شموليت اختيار ڪري سياستدانن جي ويجهڙائي حاصل ڪري رهي هئي ته جيئن هو قومي رازن تائين پهچي سگهي ۽ اهو سڀ هو روس جي مفاد لاءِ ڪري رهي هئي. ياد رهي ته روسي عورت ماريا بوٽينا 2016 کان تعليمي ويزا تي آمريڪا ۾ ترسيل هئي جڏهن ته کيس روسي ايجنٽ هجڻ تي گرفتار ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر پيوٽن جي وچ ۾ تاريخي ملاقات ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے