15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: جي ايم سيد جي پوٽي سيد علي رضا شاهه پ پ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

The GM Syed's announcement to join Syed Ali Raza Shah P.P.

سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد امير حيدر شاهه جي پٽ اڳوڻي تعلقي ناظم سيد علي رضا شاهه پ پ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سيد علي رضا شاهه  30 جون تي بلاول هائوس ۾ پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو.

اڄ سيد علي رضا شاهه پنهنجي ڀاءَ سيد ظفر حيدر شاهه سان گڏ موڪليل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته هنجي پ پ پ ۾ شموليت سان بابا امير حيدر شاھ کي گھڻو ڏک پهتو هو جنهن کان پوءِ هنجي ڀاءُ سيد ظفرحيدر شاهه جي ٽياڪڙِي ڪرڻ کان پوءِ هو  پ پ کي ڇڏڻ جواعلان ڪري ٿو.

 ان موقعي تي سيد ظفر حيدرشاهه چيو ته سائين جي ايم سيد،  خاندان يا خاندان کان ٻاهر ڪنهن کي به سياسي جانشين نه بڻايو هو پر هنجي  نظر ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر تي جيڪڏهن ڪنهن ٿورو گھڻو ڪم ڪيو اهو شهيد بشير خان قريشي هو باقي هن وقت سنڌ ۾ جيڪا سياست ٿي رهي آهي اها پارليامينٽ جي سياست آهي.

هن چيو تھ  هي وقت الڳ ٿيڻ بدران متحد ٿيڻ جو آهي ان ڪري سيد علي رضا شاھ پنهنجو فيصلو واپس ورتو آهي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے