18 اتوار , نومبر 2018

چونڊن کانپوءِ ملڪ ڳنڀير حالتن کي منهن ڏيندو، سياستدان پاڻ ۾ وڙهڻ بند ڪن: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته پاڪستان 25 جولاءِ کانپوءِ ڳنڀير حالتن کي منهن ڏيندو، سياستدان ملڪ جو ڀلو چاهين ٿا ته هٿين پوڻ ڇڏي ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽيڪسلا جي سي بي گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته عام چونڊن کانپوءِ ملڪ کي ڳنڀير حالتن مان گذرندو ڏسي رهيو آهيان، سياستدان پاڻ ۾ وڙهڻ بند ڪن. هن چيو ته منهنجي مخالف کي چئو اهو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري، ان علائقي ۾ ن ليگ جي سِرَ سِرَ مان رکي، جيڪي ڪائونسلر جي چونڊ به نٿا وڙهي سگهن، اهي ن ليگ سان گڏ آهي. چوڌري نثار چيو ته چونڊن ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي هونديون آهن، مان هن تڪ ۾ هارجڻ باوجود ترقياتي ڪم ڪرايا، عوام کي منهنجي خبر آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے