17 ہفتہ , نومبر 2018

سعودي ۾ پاڪستاني شهري کي ماريندڙ 5 ڄڻن جون سِسيون ڌَر کان ڌار ڪيون ويون

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ هڪ پاڪستاني شهري جي گودام ۾ ڦر ۽ قتل جي ڏوهه ۾ ٻن سعودين سميت 5 ڄڻن جون سسيون ڌَڙَ کان ڌار ڪيون ويون. سعوي عرب جي گهرو وزارت موجب ٻن سعودي شهرين ۽ چاڊ سان واسطو رکندڙ ٽن ڄڻن تي الزام هو ته انهن گودام ۾ ڦر دوران سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪيو ۽ سندن موبائل فون کنئي. وزارت طرفان واضح ناهي ڪيو ويو ته اهو واقعو ڪڏهن پيش آيو پر ڏوهارين کي ڪڏهن موت جي سزا ٻڌائي وئي پر سعودي عرب ۾ عام طور تي موت جي سزا ٻڌايل ڏوهارين کي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويندي آهي. واضح رهي ته سعودي عرب ۾ هلندڙ سال هيل تائين 64 ڄڻن کي موت جي سزا تي عمل ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف آءِ اي آن لائن بئنڪ فراڊ ڪندڙ جوابدار کي جهنگ مان گرفتار ڪري ورتو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ فيصل آباد سرڪل آن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے