13 منگل , نومبر 2018

نيوز:بدين: جعلي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ تان اينٽي ڪرپشن هٿان ميڊيڪل آفيسر گرفتار

In Badin, Chopo was arrested and arrested Senior Medical Officer on fake certificates at the Anti Corruption Team Health Center.بدين ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم صحت مرڪز تي چاپو هڻي جعلي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ تي سينيئر ميڊيڪل آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر ساجد منير شاھ کوسڪي صحت مرڪز تي ڇاپو هڻي جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ تي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالرسول خاصخيلي  کي گرفتار ڪري ورتو.

 سرڪل آفيسر ساجد منير شاھ جو چوڻ هو ته 2010 ۾ ڊاڪٽر عبدالرسول خاصخيلي ڀرڳڙي برداري جي ٻن ڌرين  جي جھيڙي دوران ھڪ ڌر کان رشوت وٺي جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪٽ جاري ڪيو ھو.

هن چيو ته جوڙيل بورڊ  سرٽيفيڪٽ جعلي هجڻ جي تصديق ڪئي، جنهن سبب ميڊيڪل آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته گرفتار ميڊيڪل آفيسر کي سڀاڻي اينٽي ڪرپشن عدالت حيدرآباد ۾ پيش ڪري جاچ لاءِ رمانڊ ورتو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے