21 اتوار , اکتوبر 2018

پنجاب مان 5 دهشتگرد ۽ سندن سهولتڪار گرفتار: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب پنجاب رينجرز، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاهور، ڊيرا غازي خان، اٽڪ، سيالڪوٽ، ميانوالي ۽ فيصل آباد ۾ ڳنجهن اطلاعن تي آپريشنز ۽ چيڪنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشنز ۽ چيڪنگ دوران 5 دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري لاهور ۽ ڊيرا غازي خان مان ٿي آهي جڏهن ته 24 شڪين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي جن وٽان غير قانوي هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے