21 اتوار , اکتوبر 2018

سياسي زندگي ۾ ڪڏهن به ڊفينس ڪلفٽن مان اليڪشن نه وڙهندس: فيصل واوڊا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقامي اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته پنهنجي سياسي زندگي ۾ ڊفينس ڪلفٽن جهڙي ڳچ علائقي مان ڪڏهن به چونڊ نه وڙهندس.  تفصيل موجب اين اي 249 تان اليڪشن وڙهندڙن پي ٽي آءِ اڳواڻ هميشه غريب طبقي سان گڏ رهڻ ۽ انهن لاءِ ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو. فيصل واوڊ  چيو ته ڪاميابي ۽ ناڪامي الله جي هٿ ۾ آهي پر آئون هميشه غريب طبقي جي لاءِ ڪم ڪندس. هن چيو ته ماڻهو اسان جي خلاف ڳالهيون ڪندا آهن ڇو ته هو ڪرپٽ ناهي. هن چيو ته فيصل واوڊا عوام کان اپيل ڪئي ته هو ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪرن، ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف کي ڪامياب ڪرائينداسين. هن چيو ته گولي، گار يا تشدد جي سياست ڪڏهن به نه ڪندس، ايم اين اي بڻجي ويس ته مزدور بڻجي عوام جي خدمت ڪندس، چاهيان ٿو ته بلديا ۾ مزدور جو پٽ پائليٽ بڻجي. هن وڌيڪ چيو ته سياستدانن علائقي کي 35 سال پاڻي ڏنو نه ئي روڊ ٺهرايا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے