16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: 10 سالن کان همدرد پارٽين سان ٿيل ظلم جو ازالو ٿيندو: پير پاڳارو

The oppression with sympathy parties for the last 10 years will be arranged

جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته ايندڙ حڪومت جي ڊي اي جي هوندي، 10 سالن کان همدرد پارٽين سان ٿيل ظلم جو ازالو ٿيندو.

کپري ڀرسان جي ڊي اي اميدوار قاضي شمس الدين راڄڙ پاران ڏنل دعوت ۾ خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته جي ڊي اي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪرپٽ حڪومت مان جند آجي ڪرايو.

هن چيو ته پ پ مان ماڻهو بيزار آهن، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ماڻهو جي ڊي اي ۾ شموليت ڪري رهيا آهن، هاڻي پاڻ مٿان ٿيل ظلمن جي ازالي جو وقت آهي.

ان موقعي تي پ پ ڇڏي جي ڊي اي ۾ شموليت ڪندڙ راجپوت، قائم خاني ۽ جٽ برادرين سميت ٻين ماڻهن پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے