21 پیر , جنوری 2019

نيوز:نوازشريف،زرداري ۽ عمران خان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو: گلالئي

Nawaz Sharif, Zardari and Imran Khan scandalize the country: Gulalaiپي ٽي آءِ گلالئي ڌڙي جي سربراهه عائشه گلالئي چيو آهي ته نوازشريف،زرداري ۽ عمران خان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، عوام بيزار بڻجي سندن گهيراءُ ڪري رهيو آهي.

سجاول ۾ چونڊ مهم سلسلي ۾ مختلف ميڙاڪن کي خطاب ڪرڻ بعد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عائشه گلالئي چيو ته هو چورن ۽ ڦورن جو گهيرو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابابيلن سميت ميدان تي لٿا آهن، کين عوامي سگهه سان شڪست ڏينداسين.

هن چيو ته سندن ڪارڪن جيالا ۽ متوالا نه پر ابابيل آھن، جيڪي هاٿين کي تباهه ڪندا، پارٽي نئين وجود ۾ آئي آهي ان باوجود به سجاول ۽ لاڙڪاڻي سميت سڄي ملڪ ۾ 16 اين اي سيٽن تي اميدوار بيهاريا آهن.

سندس چوڻ هو ته هر سال تمام گهڻو پاڻي سمنڊ ۾ضايع ٿئي ٿو، ان ڪري صوبن جي رضامندي سان ڊيم ٺھڻ گهرجن، ڊيم نه ٺهيا ته ڀارت ڊيم ٺاهي پاڻي کڻي ويندو…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو

خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے