12 پیر , نومبر 2018

انگلش ٽيم  ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

The England team defeated India by 8 runs for the first timeليڊز(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڀارت کي ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سريز ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.  ليڊز ۾ کيڏيل  ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان مهمان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. مشڪل وڪيٽ تي ڀارتي بيٽسمينن کي شروعات ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو ۽ 13 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڀارت کي پنهنجي پهرين وڪيٽ روهت شرما جي صورت ۾ وڃائڻي پئي جيڪو ٻه رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ننڍين ننڍين ڀائيوارين ڀارتي بيٽنگ لائن کي مڪمل تباهي کان بچائي ورتو. ڀارت طرفان ڪپتان ڪوهلي شاندر بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 71، شيکر ڌون 44 ۽ مهندر سنگهه ڌوني 42 رنسون اسڪور ڪري ٽاپ اسڪورر رهيا. آخري اورن ۾ انگلينڊ جي بالرن بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي ڀارت کي مقرر اورن ۾ رڳو 256 تائين محدود رکيو. جواب ۾ انگلش ٽيم شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 44 هين اور  ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. انگلينڊ طرفان جوروٽ لاڳيتو ٻي سينچري اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جڏهن ڪپتان اوئن مورگن 88 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ٽه وڪيٽون وٺڻ تي عادل رشيد کي ميچ جو بهترين رانديگرن قرار ڏنو ويو. انگلش ٽيم ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.واضح رهي ته اها سريز آءِ سي سي جي ٻن بهترين ون ڊي ٽيمن جي وچ ۾ ٿي رهي هئي، انگلينڊ هن وقت عالمي ون رينڪنگ ۾ پهرين جڏهن ته ڀارت ٻي پوزيشن تي موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

PCB Chairman Ehsan Mani will be visiting Karachi tomorrow

پي سي بي چيئرمين احسان ماني سڀاڻي ڪراچي پهچندو

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني پهرين دوري تي ڪراچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے