15 جمعرات , نومبر 2018

ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري ۾ رنڊڪ وجهندڙ  ليگي اڳواڻن جي ضمانت ۾ واڌ

Increasing Leadership in Leadership of Captain Safdar Increase in Guarantee Leadershipروالپنڊي(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد صفدر جي گرفتاري ۾ رڪاوٽ وجهندڙ  ن ليگي اميدوار ۽ اڳواڻن جي ضمانت ۾ 28 جولائي تائين واڌ ڪئي وئي. ايڊيشنل سيشن جج محمد عطا رباني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سٽي ٿاڻي جي پوليس کي ڪيس جو ريڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري دوران رنڊڪ وجهڻ تي چوڌري تنوير، ملڪ ابرار، دانيال چوڌري ۽ حنيف عباسي سميت ٻين جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي خلاف پوليس ۽ نيب جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا جڏهن ته ڏوهاري ڪيپٽن(ر) صفدر اڊيالا جيل ۾ قيد آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين اقليت مان لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے