14 بدھ , نومبر 2018

ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ باليووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا 36 ورهين جي ٿي وئي

Pyramids, ruled over millions of Pyramids, Parishuns were 36 years old

ممبئي(شوبز رپورٽ)باليوڊ جي ناليواري اداڪارا پريانڪا چوپڙا 36 ورهين جي ٿي وئي ، پريانڪا چوپڙا جو شمار ڀارت جي چمڪندڙ فلمي  ستارن ۾ ٿئي ٿو .باليوڊ جي ناليواري اداڪارا پريانڪا چوپڙا اڄ پنهنجي 36 هون جنم ڏهاڙو ملهائي رهي آهي. بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ۽ گلوڪارا پريانڪا چوپڙا زندگيءَ جون 36 بهارون ڏسي ورتيون،سندس ڪروڙين مداح اڄ سالگرهه جون واڌايون ڏئي رهيا آهن. پريانڪا چوپڙا 18 جولاءِ 1982ع تي ڀارتي رياست بهار جي شهر جمشيد پور ۾ جنم ورتو، 2000ع ۾ هن حسن جي مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ مس ورلڊ جو ٽائٽل کٽيو. پريانڪا 2002ع ۾ تامل فلم کان فني سفر جي شروعات ڪئي، سال 2003ع بالي ووڊ فلم “دي هيرو” ۾ به هن مـُک ڪردار ادا ڪيو. 2003ع ۾ ئي رليز ٿيل پريانڪا جي فلم “انداز” باڪس آفيس تي سپر هٽ ثابت ٿي،کيس بهترين اداڪاري تي فلم فيئر ايوارڊ ڏنو ويو. سال 2004ع ۾ پريانڪا جي هڪ ٻي فلم اعتراض رليز ٿي،جنهن ۾ کيس نيگيٽو ڪردار ادا ڪرڻ تي بهترين اداڪاري جو فلم فيئر ايوارڊ ڏنو ويو. پنهنجي منفرد انداز سان مشهور پريانڪا چوپڙا فلم مجهه سـَي شادي ڪروگــَي، ڊان، ڪرش، سات خون معاف، برفي، گــُنڊيَ ۽ ميري ڪوم ۾ بهترين اداڪاريءَ تي پڻ شهريت جي بلندين تي پهتي. 2008ع ۾ رليز ٿيل پريانڪا جي فلم “فيشن” پڻ تمام گهڻي مقبول ٿي، جنهن ۾ بهترين اداڪاري تي کيس نيشنل فلم ۽ فلم فيئر ايوارڊن سان نوازيو ويو. پريانڪا جي ٻين فلمن ۾ پلان، قسمت، اَسنڀوو، بليڪ ميل، وقت، برسات، بِلف ماسٽر، آپ ڪـِي خاطر، سلام عشق، لوَ اسٽور 2050ع، گاڊ تــُسي گريٽ هو،دوستانا، ڪمينـَي، واٽس يوئر راشي، پيار اِمپاسيبل، ديوانا مين ديوانا، زنجير، ڪرش ٿري ۽ دل ڌَڙڪنـَي دو شامل آهن. پريانڪا چوپڙا کي 2015ع ۾ رليز ٿيل تاريخي فلم باجي رائو مستاني ۾ بهترين اداڪاري تي سپورٽنگ ايڪٽريس جو فلم فيئر ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته تازو ئي نمائش لاءِ پيش ٿيل سندس فلم “جـَي گنگا جل” جي به سٺي ساراهه ڪئي پئي وڃي. پريانڪا چوپڙا اداڪاريءَ سان گڏ گلوڪاره طور به شهريت ماڻي چڪي آهي، هن پنهنجين فلمن برسات، ميري ڪوم، دل ڌڙڪنـَي دو ۾ به گيت ڳايا آهن. پريانڪا چوپڙا کي فلمن ۾ بهترين اداڪاريءَ تي ڀارت جي چوٿين وڏي سولين ايوارڊ پدما شري، هڪ نيشنل ايوارڊ ۽ 5 فلم فيئر ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي. پريانڪا چوپڙا سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ به اڳڀري آهي، کيس 2010ع ۾ ٻارن جي حقن بابت يونيسيف جي خير سگالي سفير مقرر ڪيو ويو، هن ماحوليات، صحت، تعليم ۽ عورتن جي حقن تي به ڪم ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے